سرمست 26

سرمست 26

سرمست 26

سرمست 26: سرمست 26 جو مرتب پڻ مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهي، هن شماري ۾ قاضي شاهد پرويز (چيئرمئن سچل يادگار ڪميٽي) ۽ گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويرن کانپوءِ مقالن جي ترتيب هن ريت آهي:
(1) سچل سرمست: مقفرقه ڪلام ۾ هيئت ۽ معنيٰ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سچل جي ڪلام ۾ روميءَ جي فڪر جي جهلڪ (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (3) سچل جي شاعريءَ جو جديد فني لاڙن مطابق مختصر اڀياس (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (4) سچل سرمست وٽ ماڻهن جي شڪايت (ڊاڪٽر ملڪ نديم)، (5) گداز نامي جو هڪ آڳاٽو ترجمو (خادم عباسي)، (6) رسالي سچل سائينءَ جي ترتيب جا سرچشما (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، (7) سچل سرمست شاعر هفت رنگ (ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ)، (8) سنڌ جي موجوده تعليمي نصاب ۾ سچل سرمست جو احوال ۽ شاعري، (9) ’ديوان آشڪار‘ ۾ سچل جا انڪشاف ۽ اعتراف (الطاف اثيم)، (10) سچل سرمست جي شاعريءَ جي هڪ لساني خصوصيت (برڪت بلوچ)، (11) سچل جو خانقاهه راشديھ سان تعلق (امام راشدي)، (12) ديوان آشڪار جو سلسليوار سنڌي ترجمو (عبداللطيف سڪندري)، (13) سچل جي سنڌي بيتن ۾ جوڳيئڙن جو ذڪر (پروفيسر موهن لعل پريمي)، (14) سچل سائينءَ جي سوريتي سسئي (نواز رڪڻائي)، (15) سچل سرمست جو فڪر ۽ فلسفو (حزب الله آءِ. سومرو)، (16) سچل کي سڃاڻڻ (غوث بخش عباسي)، (17) ايڪيهن صديءَ ۾ ورهاڱن جي اهميت، ڪارج ۽ سچل جو فلسفو (ذاڪر حسين کٽي)، (18) حضرت سچل سرمست جي شعر جي سٽا، فن ۽ اسلوب بيان (حاجي عبدالحميد سومرو درازي)، (19) حضرت سچل سرمست جي بين الاقوامي حيثيت (ميان غلام حسين فاتح)، (20) سچل جي حضور گودڙئي جا گل (ممتاز تبسم شر)، (21) سچ ٿا مرد چون (انور پرديسي)، (22)، سچ ۽ عشق جو پيغام ڏيندڙ حضرت سچل سرمست (علي نواز ڪلهوڙو)، (23) سچل سائينءَ جي شخصيت ۽ شاعري (علي حسن سرڪي)، (24) سنڌ جو آشڪار (سڪندر کرل) ۽ (25)Sachal Sarmast Myshe of Truth: Rahim Dion Mahar.
هن ڊيمي سائيز جي 207 صفحن تي مشتمل شماري جي قيمت 50 روپيا ۽ اشاعت جو سال 2005ع آهي.


لفظ سرمست 26ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو